ارشد شريف

ارشد شريف

ارشد شريف

ارشد شريف: مشھور صحافي، تجزيه ڪار ۽ TV نيوز اينڪر ارشد شريف 22 فيبروري 1973ع تي پاڪستان نيوي ڪمانڊر محمد شريف جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هن پبلڪ ائڊمنسٽريشن (قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد) ۽ ميڊيا اسٽڊيز (آئرلئنڊ) ۾ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪيون. صحافت جي شروعات 1993ع ۾ پڙهڻ دؤران فري لانسر طور ڪئي، بعد ۾ هفتيوار اخبار ’پلس‘ ۾ ڪالم نگار، رپورٽر ۽ مئنيجنگ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو.1999ع ۾ ’دي نيوز‘ ۽ 2001ع ۾ ’ڊيلي ڊان‘ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ARY News جي پروگرام ’پاور پلي‘ ۽ ’دنيا‘ ٽي وي جي پروگرام ’ڪيون‘ ۾ ميزبان ۽ ’آج‘ ۽ ’دنيا‘ ٽي وي جو ڊائريڪٽر نيوز طور به ڪم ڪيو. 2011ع ۾ ’ڊان‘ نيوز جو بيورو چيف رهيو. ان کان علاوه لنڊن، پئرس، اسٽراسبرگ ۽ جرمني مان پاڪستاني نيوز ايجنسين لاءِ رپورٽنگ پڻ ڪئي. سندس صحافتي خدمتن عيوض، پرائيڊ آف پرفارمنس (2019ع)، آگاهي اوارڊ براءِ صحافت (2012ع)، انويسٽي گيٽو جرنلسٽ آف دي ايئر اوارڊ ۽ ڪرنٽ افيئر (اينڪر آف دي ايئر) اوارڊ مليا. ARY نيوز کان علحدگي بعد دبئي ۽ پوءِ ڪينيا هليو ويو. 23 آڪٽوبر 2022ع تي، ڪينيا ۾، گولي لڳڻ سبب شھيد ٿي ويو.


لفظ ارشد شريفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.02.22  عيسوي

مشھور صحافي، تجزيه ڪار ۽ TV نيوز اينڪر ارشد شريف 22 فيبروري 1973ع تي پاڪستان نيوي ڪمانڊر محمد شريف جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.


2022.10.23  عيسوي

ارشد شريف 23 آڪٽوبر 2022ع تي، ڪينيا ۾، گولي لڳڻ سبب شھيد ٿي ويو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ظهير احمد
در محمد ڪمال
اي بي راجپوت
علاؤ الدين نيازي شيخ
اعجاز حسين مهر
الياس شاڪر
دوست علي جيسر
علي رضا سهتو
حيات بلوچ
اعجاز عليم عقيلي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون